UNEXPLORED SINDH

(Exploring the Unexplored)

Muhtram Bashir Khan Jo Wichoro....

 


الوداع!

جيئن سانوڻيون ڀرجي وسَن،

ٿر بر وسائي ٿو وڃان،

ڇا ڇا وڄون ٿيون ورَ وجھن،

جئن گيت ڳائي ٿو وڃان،

پر هي ڪلهي تي ڪينرو

ڪيسين وڄايان.

الوداع!

اي سنڌ توکي الوداع!

اي هند توئي الوداع!

تو ۾ هيو سارو جڳت،

اي جند توکي الوداع!!!

Welcome to Unexplored Sindh


Friends,
it seems that nature talks to all of us. same happens with me also. Nature talks to me, plays with me and invites to capture the landscapes.
My clicks are just nothing, but the output of the invitation of nature in my pictures.

You are also encouraged to share your pics, videos of the local areas of Sindh.

 

 

 

 FREEDOM MARCH 2012

رسمن جي ور چڙهيل عورت جي نانءِ
راز شاهاڻي

هوءَ جا درد نگر جي رهواسڻ
جنهن جي سُونهن سويرن جهڙي،
پنهنجي نرم گداز نظر سان،
معصوميت مان،
هر پل منهنجي خيالن جي،
ڳڙکي کولي،
پنهنجو درد ٻُڌائي ٿي
۽ مون کان ڪجهه لکرائي ٿي!

هن جي رنج الم جو قصو،
سانجهيءَ جيئن غمگين لڳي ٿو،
شروع ڪجهه هن ريت ٿئي ٿو:
هُوءَ جا پنهنجي بابي جي
وڏور نياڻي،
جنهن کي پنهنجي پيءُ پڙهائي،
نخرن ساڻ نپايو هو،
پر هُن کي پنهنجي مرضيءَ پويان،
زوريءَ بدي ۾ پرڻايو هو-
ڄڻ ڏيج ۾ درد ڳڻايو هو-

هُن چَپ سان چُپ سجائي،
پنهنجي هَڙ وڃائي هُئي
گهر جي پَت رهائي هُئي

هُن جي ڏولي هڪڙي ڏينهن،
سُهراڻي پار هلي وئي،
ٿي اباڻن کان ڌاري هلي وئي.
نئون گهر نوان رشتا ها،
ڪجهه سهنجا ها، ڪجهه اَهنجا ها،
پر هُوءَ جا پنهنجي باباڻن جي،
پياري، ساهه سيباڻي هُئي،
گهر واري جي گهر ۾ ڄڻ
ڪِني ۽ ڪسبياڻي هُئي
ڇا جي لاءِ جو هُن کي،
پهريون پُٽ نه پر، ڌيءَ ساماڻي هُئي-
هُن جي جوڀن کي لوساٽ لڳي وئي،
خوشين کي ڄڻ کاٽ لڳي ويو
هُن جي چَپ جا گُل گلاب ڪومايا
ڪنوارا، ڪومل خواب ڪومايا
پوءِ هڪڙو اهڙو ڏينهن به آيو
هُن کي هِن جي دائي،
ڌيءَ جي پويان ڌيءَ ڄڻائي
هُن جي رهيل خوشين کي ڄڻ
تيلي ڏئي باهه لڳائي-
هُن تي مڙسس مُنهن گهنُجايو
سسڻس نئون پهه پچايو
ڇوڪر جي ٻي شادي ٿيندي
ڇوڪر جي ٻي شادي ٿي
هن جي ڪمري ۾ ئي،
ڪنوار جو بيڊ سجايو ويو
هُن کي جيئري دفنايو ويو
مُڙسس کي نئين ڪنوار ملي وئي
هُن کي منهن تي گار ملي وئي-
هُوءَ ٻار وٺي باباڻي آئي،
هُن جي ننڍپڻ جي ڪمري کي،
ڀاڄايُن ولاريو هو،
هُن کي ائين لڳو ڄڻ
بابي جو گهر ڌاريو هو-
هُوءَ ڳاڙهي هُئي، نه ڪاري هُئي
شاديءَ هوندي ڪنواري هُئي،
معصوم صفا ويچاري هُئي
رسمن جي پر ماري هُئي
……!!

مـــوٽـــــي مــــانــــــڊاڻ جــــي ، واري ڪيائــــيـــــن وار،
وڄـــــون وســـــڻ آتــــيـــون ، چــــوڏس ٿـــــي چــــــوڌار،
ڪي اٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،
ڪـــي چــمـڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندين سار،
ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قـندار،
ڪـــــي دهــلـيءَ ، ڪـــي دکن ، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪــــنــهــيــن جــنـبي جيسلمير تان ، بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀڄ ڀـــڄــائــيـو ، ڪــــنــهـيـن ڍٽ مـــٿـــي ڍار،
ڪـــنـــهــيــن اَچـــي اَمــرڪـــوٽ تـــان، وسايا ولهار،
سانئيم ! ســـدائــيـــن ڪــريـــن مــٿــي ســنــڌ ســڪار،
دوس! مــٺــا دلــدار ! عــالــم ســڀ آبــاد ڪـــــريــــن.
شاھ رحه